اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا هڪ ڀيرو وري پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو شهيد بجاءِ لياقت علي خان جي نالي تي رکيو وڃي، هن چيو ته بينظير ڀٽو جي نالي تي انڪم سپورٽ پروگرام آهي، ان پروگرام تحت جيڪي پيسا تقسيم ٿي رهيا آهن اهو عمل به بينظير ڀٽو جي روح کي تنگ ڪري رهيو هوندو.