اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري جي صدارت ۾ بي آءِ ايس پي بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مستحقن کي فنڊن جي ادائگي لاءِ نئين نظام جي منظوري ڏني وئي، جنهن تي مستحق ماڻهو ڪنهن به بينڪ ۾ اڪائونٽ کولي فنڊ وصول ڪري سگهندا، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ٽرانسجينڊرز پاليسي ٺاهي انهن کي به مستحقن ۾ شامل ڪرڻ جو قدم کنيو ويو آهي، شازيه مري چيو ته بورڊ ميمبر پروگرام مان فائدو کڻڻ لاءِ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي ۾ جاڳرتا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.