اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اصغر علي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانه راجا جي خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي شروع ڪندي سندس گرفتاري جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه جج اصغر علي فرزانا راجا جي احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جڏهن کان ريفرنس جي ڪارروائي شروع ٿي آهي تڏهن کان فرزانا راجا هڪ ڀيرو به عدالت ۾ پيش ناهي ٿي، هن کي حاضري کان مستقل ڇوٽ گهربل آهي ته هڪ ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، هڪ جوابدار ملڪ کان ٻاهر ويٺو هجي ۽ ان کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏيون اهو ممڪن ناهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.