بينظير انڪم سپورٽ پروگرام: رقم وڌائجي يا نه؟ بحث

0
280
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام: رقم وڌائجي يا نه؟ بحث

  شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هر قسم جي رعايت ختم ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون رقمون وڌايون وڃن ته جيئن غريبن کي سڌو سنئون ڪجهه ملي. جنهن سان جاويد سوز اتفاق ڪيو، علي رضا لکيو ته بلڪل غلط. آئون انهي موقف سان متفق ناهيان. بينظير انڪم سپورٽ وارا پئسا ختم ڪري هر ضلعي وائز ننڊيون فيڪٽريون لڳايون وڃن جئين غريب پنڻ بجاءِ مزوري ڪري پيٽ پالين، ٻيو هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪي به ملازم آهن انهن کي پرائيويٽ ڪلينڪون نه کولڻ جو پابند ڪن اگر خلاف ورزي ڪن ته ڊيوٽي مان ڪڍيو وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ملٽي نيشنل ڪمپنين جون ڏنيون وڃن. گورنمينٽ اسڪولن ۾ تعليم ۾ سياسي مداخلت ختم ڪري غريبن جي ٻارن کي ميريٽ تي تعليم ڏني وڃي.

جيڪي بنيادي حق آهن اهي ڏنا وڃن.محمد يحيٰ ميمڻ لکيو ته سڀ خيراتي پيڪيج ختم ڪري بنيادي سهولتون (تعليم، صحت ۽ کوڙ ساريون ٻيون بنيادي ضرورتون) مهيا ڪيون وڃن ۽ وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا پيدا ڪري ميرٽ تي روزگار فراھم ڪيو وڃي. عبدالرحيم لغاري، غلام حسين، سيف نياز، فتح خاص به راءِ جو اظهار ڪيو، الاهي ايچ ايم لکيو ته سڀني پاڪستانين کي ڏنو وڃي، پگھارون ختم ڪيون وڃن،جيسرن بينظير ڪارڊ ھلي پاڪستان ھلي، سائل مهراڻ لکيو ته اهو بهترين آهي جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ته. خالد پرويز لکيو ته پهريون اعتراض اهو آھي ته هيڏو سارو ورلڊ پروگرام جيڪو محترما جو ويزن آھي اھو بند ڪريون. مطلب ته اسان بيواهه يتيمن جن ويچارين کي اوير سوير تپ جي گوري ڪونه ٿي ملي انهن کي اسان خيرات تي هيرايو آھي ايئن پنرايون پيا، هي زڪوات کاتا بيت المال جا کاتا جن مان مسڪينن کي ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو اهو به بند ڪريو..پاڻ واري ڳوٺ واري نظر کان معذور سا گارمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي. ڪاڪي سڀائي جيڪا لٺ تي هلي اها ٽريڪٽر هلائيندي..اسان ڪامريڊن جو اهو مطالبو آهي.باقي اوهان جي مرضي، ڪريم چانڊيو لکيو ته خوداري جو سبق نه ڏجو قوم کي بس پنڻ ئي سيکارجو، عمر جت لکيو ته ڳالهه ڀلي به آھي ته خراب به.