بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانه راجا جا گرفتاري وارنٽس جاري

0
628

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانه راجا جا گرفتاري وارنٽس جاري، اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي دوران هر هر پيش نه ٿيڻ تي فرزانه راجا مٿان ڪاوڙ جو اظهار، فرزانه راجا جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سندس اصيل حاضري کان مستقل ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته فرزانه راجا کي مستقل ڇوٽ گهرجي ته ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، اهو ممڪن ناهي ته جوابدار برطانيا ۾ ويٺل هجي ۽ اسان هتي کيس حاضري کان ڇوٽ ڏيون، فرزانه راجا سوڌو ٻيا پيش نه ٿيڻ سبب جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ريفرنس تي ٻڌڻي 24 مئي تائين ملتوي..