ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيا عطا مري چيو آهي ته 2008ع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام  ذريعي عورتن کي مالي طور خودمختيار بڻايو ويو،  انهي پروگرام بعد شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ به تيزي آئي، 14 سالن کانپوءِ انهي منصوبي تحت اڪائونٽ رکندڙ عورت بچت به ڪري ٿي سگهي، جنهن  لاءِ  بينڪن سان ملي پائلٽ پراجيڪٽ شروع ڪريون پيا، بينظير انڪم سپورٽ ذريعي تعليمي سرگرمين کي به هٿي ملي آهي،   81 لک ٻارن کي سهولت ملي آهي، شهرين کي بي فارم ۽ برٿ سرٽيفڪيٽ جي به اهميت جو اندازو ٿيو، هاڻي ضرورت ئي شعور بيدار ڪري ٿي.