بيمار پوليس اهلڪارن جو علاج ڪرايو … ظفر عزيز ميتلو

0
98

جيءِ آ ته جھان آ، جڏھن پنھنجي زندگي محفوظ ناھي ھوندي ته ٻئي جي زندگي بچائڻ ڏکي ٿي ويندي آهي ڪراچي اندر پوليس جوانن ۾ وڌندڙ ڊينگي ۽ مليريا کي روڪڻ لاءِ پوليس جي بالا آفيسرن کي نوٽيس وٺي بيمار جوانن جو علاج ڪرائڻ کپي.

   برساتي ٻوڏ واري صورتحال کان پوءِ پوري سنڌ اندر خاص ڪري ڪراچي ۾ پوليس جوانن ۾ وڌندڙ خطرناڪ بيماري ڊينگي ۽ مليريا لاءِ پوليس جي اعليٰ آفيسرن ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ۽ نه ئي معائني لاءِ ڪي ٽيمون جوڙي سگھيا آهن.

ڪافي پڪٽن تي مقرر ٿيل جوان مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ۽ اسپتالن ڀيڙا ٿي چڪا آهن سندن  خراب حالت ھئڻ ڪري ويچارا بيماري سبب زندگيء ۽ موت جي جنگ پيا وڙھن. اسين پوليس جي اعيٰ آفيسرن کان گھر ٿا ڪريون ته جيڪي جوان بيماري حالت ۾ بستري تي پيل آھن انھن لاءِ ميڊيڪل ٽيم جوڙي انھن جو علاج ڪرايو وڃي جيئن ھو صحتياب تي پنھنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏئي سگھن. (فيس بوڪ تان ورتل)