بيماري مان چاڪ ٿي درگاھ تي سکان ڏيڻ لاءِ پهتل همراه دل جو دورو پوڻ سبب فوت

0
705
بيماري مان چاڪ ٿي

جھول: بيماري مان ٺيڪ ٿي درگاھ تي سکان ڏيڻ لاءِ پهتل رٽائرڊ پوسٽ ماسٽر درگاه اندر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. جھول جو رھواسي رٽائرڊ پوسٽ ماسٽر حيدر بخش جلالاڻي بيمار هيو ۽ درگاھ محمود شاهه تي باس باسي آيو هيو ته هو بيماري مان ٺيڪ ٿي درگاھ تي خيرات ڪندو

بيماري مان ٺيڪ ٿي اڄ عورتن ۽ مردن جو قافلو ساڻس گڏ ڳيچ ڳائيندي درگاھ محمود شاهه تي پهتو ته کيس درگاھ اندر دل جو دورو پيو  ۽ هو موقعي تي فوت ٿي ويو. خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.