برسلز (دلچسپ نيوز) بيلجيئم ۾ هزارين هٿيار بٺي ۾ ڳاري ڪچو مواد تيار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداران 22 هزار رائفلز ۽ ٻيا هٿيار بٺي ۾ اڇلايا، انهن مان 50 سيڪڙوهٿيار پوليس مختلف هنڌن ڇاپن دواران گڏ ڪيا هئا جڏهن ته انهن ۾ 50 سيڪڙو اهي هٿيار شامل ڪيا ويا هئا جيڪي هاڻي پوليس جي استعمال کان ناڪارا بڻجي چڪا هئا. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي ڳري وڃڻ بعد 60 ٽن ڪچو فولاد تيار ٿيو آهي، هاڻي شهري محفوظ رهندا ڇاڪاڻ ته اهي هٿيار ضايع ڪيا ويا آهن.