لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءُ الرحمان جي هدايتن تي امدادي ٽيمن طرفان آريجا ڀرسان شيخ ڳوٺ جي ٻوڏ متاثر 150، ڳوٺ حاجي خان مستوئي جي 120، ڳوٺ پٺاڻ ۾ 50 ۽ درگاهه مشوري شريف جي 180 خاندانن ۾ راشن ۽ ضرورت جون شيون ورهايون ويون. ٻئي طرف شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو۽ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي سهڪار سان لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾قائم خيمه بستيءَ ۾ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن، ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن، چمڙيءَ جي بيمارين، الٽين دستن جي مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون.