بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو ڌماڪو، 9 اهلڪار شهيد

0
173
بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري

ڪراچي: بولان ۾ پاڪستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن

پوليس موجب بلوچستان ڪانسٽيبلري جا اهلڪار سبي ميلي ۾ ڊيوٽي کانپوءِ ڪوئيٽا واپس اچي رهيا هئا، ڌماڪي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جا 9 اهلڪار زخمي به ٿيا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي سي ايم ايڇ سبي منتقل ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي ڪڇي محمود نوتيزئي جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي ثبوتن موجب بولان ڌماڪو خودڪش هو، ڌماڪي بعد بم ڊسپوزل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ ڌماڪي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو يو آهي

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي ويجهو بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

هي به پڙهندا

بارکان ۾ ڌماڪو، مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي