بودرفارم (ن پ ا) بودرفارم ۽ آسپاس جي علائقن ۾ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جا ڇاپا، 7 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل، ڪيترائي کسڪي ويا، خبر موجب ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم مير خادم، حسين ٽالپر، انيس احمد جي اڳواڻي ۾ بودرفارم ۽ آسپاس جي علائقن واليداد پلي، چيما فارم ۽ ڏگو فارم ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا هنيا، ٽيم ڪارروائي ڪندي ھڪ ميڊيڪل اسٽور ۽ 7 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪس سيل ڪري ڇڏيون، سيل ڪلينڪس گلجي مل، ڪيول رام، لڇمڻ داس، چيتن ۽ ٻين جون ٻڌايون پيون وڃن، ٽيم جي اچڻ تي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي کسڪي ويا.