بواءِ فرينڊ گردو وٺڻ بعد ڇوڪري سان ٺڳي ڪري ويو

0
538
بواءِ فرينڊ گردو وٺڻ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) گردن جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان جي زندگي بچائڻ لاءِ ڇوڪريءِ پنهنجي بواءِ فرينڊ کي گردو عطيو ڪيو پر بعد ۾ کيس ڌوڪو ڏنو ويو، آمريڪا جي 30 سالن جي عورت ڪولن لي جون وڊيوز سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ٿي ويون آهن

عورت جو چوڻ هو ته سندس بواءِ فرينڊ ڪيترن ئي سالن کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ سندس ڊائلسز ٿي رھيو ھو، عورت موجب خوش قسمتيءَ سان سندس ۽ سندس بواءِ فرينڊ جو رت ميچ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪولن فيصلو ڪيو ته سندس هڪ گردو کيس عطيو ڪيو وڃي

 آپريشن ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڪولن جي بواءِ فرينڊ ساڻس ناتا ٽوڙي ڇڏيو ۽ مٿس سٺو ڏسڻ لاءِ گردو عطيو ڪرڻ جو الزام هنيو

ھي به پڙھندا

 

گرل فرينڊ جي ماءُ کي گردو عطيو ڪرڻ واري شخص سان ٺڳي، ڇوڪري ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي