بھرام (ن پ ا) بھرام جي بروھي پاڙي جي رهواسي پاران بجلي بند ھجڻ خلاف ڪامران بروھي، لقمان بروھي، معشوق بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن دانيهندي چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشان آهيون، ڪاروبار ٺپ آهي پر شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.