بهرام ويجهو ٽريڪٽر ڊرائيور بيدردي سان قتل، لاش هٿ

0
217
بهرام ويجهو ٽريڪٽر ڊرائيور بيدردي سان قتل، لاش هٿ
بهرام ويجهو ٽريڪٽر ڊرائيور بيدردي سان قتل، لاش هٿ

بهرام ويجهو ڳوٺ بشير مگسي ڀرسان ٽريڪٽر ڊرائيور جو ڪهاڙيون ۽ بندوق جو فائر لڳل لاش هٿ آيو آهي

اطلاع تي بهرام پوليس پهچي 30ورهين جي طارق کوسو جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

مقتول جي والد بهادر کوسو جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، پٽ کي بيگناهه بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

ٻي طرف لاش هٿ اچڻ واري زمين جي مالڪ بشير مگسي جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش اسان جي زمين تي ڦٽو ڪري دشمني ڪئي وئي آهي، اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي

جڏهن ته خيرپورناٿن شاهه ويجهو سڱاوتي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

 ڳوٺ ڪور حسين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 25ورهين جو اعجاز چانڊيو قتل ۽ معشوق چانڊيو زخمي ٿي پيو، مقتول جي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ڪنڌرا ڀرسان پيرسن عورت ڪهاڙيون هڻي قتل، مڙس گرفتار