اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي چونڊ بابت سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ٽٽڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته اسان قياس آرائيون ڪرڻ  نه ٿا چاهيون، اليڪشن ملتوي ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هاڻي نئين بينچ ٺهڻ کانپوءِ ئي ممڪن ٿيندي، چيف جسٽس ۽ سينيئر جج گڏجي جيڪو فيصلو ڪندا ان مطابق اسان پيش ٿينداسين، هڪ فيصلو اچي چڪو هو جنهن تي مختلف ججز جا مختلف رايا آهن، بهتر آهي ته جج پاڻ ۾ مشاورت سان فيصلو ڪن.