بهترين رننگ پارٽنر ملي ويو، جوريا خان جي وڊيو وائرل

0
421

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) وومين ڪرڪيٽر جوريا خان جي ٻارن سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا سائٽ ٽوئرتر تي ٻارن سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏڻ واري وڊيو شيئر ڪندي جوريا لکيو ته بهترين رننگ پارٽنر ملي ويو . هن چيو ته سوات ماٿري جي سير دوران مونکي باصلاحيت ٻارن سان ڪرڪيٽ کيڏي مزو آيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به جوريا جي اهڙي وڊيو آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي.