ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف موقعن تي دلچسپ مرحلا به آيا. جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته ملڪ ۾  الائي ڪنهن جي ڪري برساتون نٿيون پون، مولوي صاحب جون دعائون ڪڏهن ڪڏهن قبول ٿينديون آهن. هن اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نديم قمر پگهارن جي مد ۾ 4  سالن ۾ 32 ڪروڙ  ورتا آهن، پنهنجو ڪيس وڙهڻ لاءِ  نجي فرم کي 4 ڪروڙ ڏنا آهن، ايم پي اي صداقت حسين بهارين جو مسئلو اٿاريندي چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ وارا بهاري شناختي ڪارڊ کان محروم آهن، سنڌ اسيمبلي وفاق کي خط لکي ته بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن پي ٽي آءِ جي راجا اظهر آرٽس ڪائونسل ۾ هلندڙ ٿيٽر فيسٽيول ۾ سنڌي ٿيٽر نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪندي وزير ثقافت کان نوٽيس جي گهر ڪئي.