رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان بھارو شھر جي بيسڪ ھليٿ سينٽر ۾ 7 سالن کان ڪو به ڊاڪٽر يا ٻيو عملو مقرر ٿيڻ کي اسپتال جي عمارت کي تالا لڳل آهن، ان حوالي سان شھرين ثناءُ الله پنهور، شفقت آريجو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانيهندي چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب علاج لاءِ ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته اسپتال بند هجڻ سبب عمارت جانورن جي آماجگاهه بڻيل آهي پر شڪايتن باوجود صحت کاتي تحرڪ نه ورتو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽِيس وٺي اسپتال ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي طرف ڊي ايڇ او خيرپور جو چوڻ هو ته اسپتال بابت مون کي ڪابه ڄاڻ ناهي، اسپتال متان پي پي ايڇ آءِ وارن حوالي ھجي. ڏھن ته پي پي ايڇ آءِ خيرپور جي ڊي ايم سيد علي حيدر شاھ ٻڌايو ته جيڪي به فعال اسپتالون اسان جي حوالي ٿيل آهن اھي سموريون ھلن ٿيون، بھارو جي اسپتال اسان کي مليل ئي ناھي.