بن مانس ماتم ڇو ٿو ڪري؟ ماهرن جواب ڳولي ورتو

0
804

برلن (دلچسپ نيوز) ماهرن بن مانس جي ماتم ڪرڻ واري سوال جو جواب ڳولي ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جرمن، اسپين ۽ آمريڪا جي ماهرن جبلن تي رهندڙ بن مانس تي تحقيق ڪئي، اهي جابلو بن مانس آفريڪا جي گهاٽي جهنگ ۾ جبلن تي رهن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته نربن مانس مخصوص انداز ۾ ڇاتي تي ڌڪ هڻندو آهي، ڇاتي تي ڌڪ هڻڻ جو مقصد ٻين ساٿين کي سڏڻ هوندو آهي. ماهرن موجب ننڍي قد وارا بن مانس وڌيڪ شدت سان ڇاتي تي ڌڪ هڻن ٿا. ماهرن پنهنجي تحقيق جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ته نر بن مانس جي ڇاتي پٽي دانهون ڪرڻ بعد جڏهن اهو آواز مادي بن مانس تائين پهچندو آهي ته اها نسل وڌائڻ جو فيصلو ڪندي آهي ۽ پوءِ ان طرف ڊوڙندي آهي ائين انهن جو ميلاپ ٿئي ٿو.