ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ عالمي چيمپيئن انگلينڊ کي16 شڪست ڏئي وائٽ واش ڪري ڇڏيو. شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ميرپور ڍاڪا ۾ انگلش ڪپتان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديش پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون، وڪيٽ ڪيپر بيٽر ليٽن داس 73 ۽ ناظم الحسن شانتو 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا جڏهن ته روني 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. انگينڊ طرفان ڪرِس جارڊن ۽ عادل رشيد هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. بنگلاديش جي 159 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي انگلينڊ ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهه وڪيٽون وڃائي 142 رنسون ٺاهي سگهي ۽ اهڙي ريت 16 رنسن تان ميچ هارائي وئي. ڊيوڊ ملان 53 ۽ ڪپتان جوز بٽلر 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪرِس ووڪس تيرنهن ۽ بين ڊڪيٽ 11 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. بئنگالي ٽائيگرز طرفان تسڪين احمد ٻه، تنوير السلام، شڪيب الحسن ۽ مستفيض الرحمان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ليٽن داس مين آف دي ميچ جڏهن ته ناظم الحسن شانتو کي پلئير آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.