بنگلاديش عمان کي 26رنز تان سڪست ڏئي ڇڏي

0
176

مسقط (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائنگ رائونڊ جي اهم ميچ ۾ عمان کي 26 رنز تان شڪست ڏني. الامارات ڪرڪيٽ گرائونڊ مسقط ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 153 رنز جو هدف ڏنو. شڪيب الحسن 42 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. عمان طرفان بلال خان ۽ محمد نعيم بهترين بالنگ ڪندي 3-3 وڪيٽون ورتيون،

جڏهن ته ڪليم الله 2 ۽ ذيشان مقصود هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ عمان جا رانديگر بنگلاديش جي بالرن آڏو بيوس ٿي ويا ۽ سموري ٽيم 127 رنز تي ڍير ٿي 26 رنز تان هارائي وئي. بنگلاديش طرفان شڪيب الحسن 3 وڪيٽون ورتيون، جنهن تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته بنگلاديش ناڪامي جي صورت ۾ ايونٽ مان آئوٽ ٿي وڃا ها.