ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جو آل رائونڊر شڪيب الحسن ڍاڪا ليگ دوران کيڏيل ميچ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويو، شڪيب الحسن ميچ دوران 2 ڀيرا امپائر سان وڙهي پيو ۽ اسٽمپس پٽي اڇلي ڇڏيا. ڍاڪا ليگ جي ميچ دوران شڪيب الحسن جي حرڪت تي تماشائي مايوس ٿي ويا، تماشائين جي تنقيد جي جواب ۾ شڪيب الحسن پنهنجي حرڪت تي معافي گهري ورتي. شڪيب الحسن چيو ته منهنجي حرڪت سان ميچ خراب ٿي، جنهن تي معذرت ڪيان ٿو. هن خاطري ڪرائي ته آئنده ميچز ۾ اهڙي عمل کان پاسو ڪيو ويندو.