بنگالين جي اڪثريت سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ رهندڙ

0
635

اسلام آباد: 1971ع ۾ بنگلاديش مان لڏپلاڻ ڪري پاڪستان ايندڙ بنگالين جي اڪثريت سنڌ صوبي خاص طور تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ رهي ٿي، 1971ع ۾ بنگلاديش مان ايندڙ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مطالبا به ٿيندا رهيا آھن ايم ڪيو ايم ٻين غيرملڪين سوڌو بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ بابت مسلسل مطالبا ڪندي رهي آھي اهڙا مطالبا ڪراچي سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن پاران به سامهون ايندا رهيا آھن، 1971 ۾ پاڪستان ڇڏي بنگلاديش ويندڙ بنگالين پاران ڇڏيل ملڪيتن بابت وفاقي ڪابينا گذريل جون 2021 تي قانون وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هيو جنهن کي لڳ ڀڳ ٻه مهينا گذري ٿي رهيا آھن پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت پاران ڪو به باضابطه طور ان حوالي سان ردعمل سامهون نه اچي سگهيو آھي.

1971 ۾ پاڪستان ڇڏيندڙ بنگالين جي ڇڏيل ملڪيتن جو قانوني وارث بنگلاديش مان ايندڙ بنگالين کي قرار ڏيڻ سان 1971 ۾ پاڪستان ايندڙ بنگالين کي قانوني حيثيت ملي ويندي، اهڙن بنگالين جي اڪثريت سنڌ ۾ رهي ٿي، هن وقت تائين پنجاب، بلوچستان ،ڪي پي ڪي مان ڪڏهن به بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مطالبا سامهون نه آيا آھن.