ھنڱورجا (ن پ ا) يونين ڪائونسل سيٺارجا بالا جي سڀ کان وڏي آبادي واري  ڳوٺ ڪينجھر منڱڻيجا جي رھواسين پاران  بنيادي سھولتون روڊ. تعليم صحت ڊرينيج سميت ٻيون سھولتون نه هجڻ خلاف  احمد منڱڻيجو. ميرخان منڱڻيجو فاضل منڱڻيجو قيصر منڱڻيجو حبوب منڻيجو عبدالستار منڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  13 ھين ڏينهن به احتجاجي مظآهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم ٿي ويا آهن، نوٽيس وٺي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.