بنيادي تعليم لازمي ڏيڻ جا واعدا ۽ سنڌ جي تعليم جو کٽل کاتو

0
363
يونيورسٽين جو مالي بحران ۽ ڪِرندڙ تعليمي معيار
يونيورسٽين جو مالي بحران ۽ ڪِرندڙ تعليمي معيار

 اسان جڏهن تعليم جي باري ۾ سوچيندا آهيون ته پھرين شيءَ جيڪا اسان جي ذهنن ۾ اچي ٿي اها “علم حاصل ڪرڻ” آهي. تعليم ماڻهن کي علم، مهارت، معلومات فراهم ڪري ٿي، انهن کي پنهنجي خاندان، سماج ۽ قوم جي حقن ۽ فرضن کان واقف ڪري ٿي. اها دنيا کي ڏسڻ لاءِ نظر ۽ شعور کي وڌائي سماج ۾ ناانصافي، تشدد، ڪرپشن ۽ ٻين ڪيترن ئي خرابين خلاف وڙهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي. تعليم اسان جي چوڌاري دنيا جي ڄاڻ ڏئي ٿي. تعليم کان سواءِ، نوان خيال نه جڙندا، تخليق نه ٿيندي نتيجي ۾ قوم جي ترقي نه ٿي سگهندي. تعليم جديد، صنعتي دنيا ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن مقابلي واري دنيا ۾ بھتر زندگي گذارڻ لاءِ ماڻهن کي سٺي تعليم جي ضرورت آهي. جديد سماج انھن ماڻھن تي ٻڌل آھن جن وٽ اعليٰ زندگين جا معيار ۽ علم آھن.

                 تعليم مختلف سطحن تي مشتمل آهي. بنيادي تعليم جو مقصد زندگيءَ لاءِ گھربل اھم مهارتون ۽ علم سيکارڻ، انسانيت جي ترقيءَ ۽ معاشري جي اخلاقي طور ذميوار ميمبر بڻائڻ، انهن جي ترقيءَ جي حمايت ڪرڻ، اخلاقي قدر پيدا ڪرڻ، سماج ۾ تعليم ۽ مساوات کي هٿي ڏيڻ آهي. پرائمري تعليم صرف ڪتابن واري سکيا ڏيڻ نه آهي پر اها صحت، صفائيءَ ۽ سٺي غذائيت جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿي. اسان پرائمري تعليم جي اهميت کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون ڇو ته اها ملڪ جي غربت جي مسئلن جي بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪري ٿي.

بين الاقوامي انساني حقن جي قانون موجب، پرائمري تعليم لازمي ۽ مفت مھيا ڪرڻ جا سمورا ميمبر ملڪ پابند آهن. پر ڪجهه ملڪن انهن ذميوارين کي لبرل پاليسين تحت مارڪيٽن تي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ، ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ غربت سبب اڪثر خاندان پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي سگھه نٿا رکن. ماڻهو وڏي تعداد ۾ اڻ پڙهيل آهن ۽ پنهنجي ۽ ٻارن جي زندگي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري ڄاڻ کان محروم آهن. حڪومتون به قانوني طريقيڪار کي سختي سان لاڳو ڪرڻ ۽ ٻارن جي مزدوري کي غير قانوني ھئڻ باوجود ٻار اسڪولن بدران پورھيو ڪن ٿا. عالمي برادري تعليم کي سماجي تبديليءَ جو هڪ اھم اوزار ۽ بنيادي انساني حق تسليم ڪندي ان کي ملينيئم ڊولپمينٽ گولز (2030) ۾ به شامل ڪيو آهي. پر تعليم سڄي دنيا ۾ لکين ٻارن لاءِ اڄ به  هڪ ناقابل پھچ حق بڻيل آهي. پاڪستان جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي اڻ پڙهيل آهي ۽ ڪيترائي ٻار اسڪول نٿا وڃن. خاص ڪري ٻهراڙي وارا علائقا تعليم کان محروم آهن، جتي خاص طور ڇوڪرين کي اسڪول نٿو موڪليو وڃي. پاڪستان اسڪول مان ٻاھر ٻارن جي تعداد جي لحاظ کان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. اٽڪل 2 ڪروڙ 28 لک 5 کان 16 سالن وارا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪي ان عمر واري گروپ جو 44 سيڪڙو آھن. اھو تعداد پرائمريءَ بعد ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. صنفي، معاشي حيثيت ۽ علائقائي لحاظ کان تعليمي اڻبرابري ۾ وڏو فرق آهي.

حڪومتن پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ذميواري تان ھٿ کڻي ورتو آهي. انهن ملڪن ۾ ناخواندگي نئون معمول بڻجي ويو آهي. پاڪستان سڀني ٻارن ۽ خاص ڪري پوئتي پيل طبقن جي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ، حاضري، تعليم جاري رکڻ لاءِ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان تعليم تي ملڪي پيداوار جو لڳ ڀڳ 2.7 سيڪڙو خرچ ڪري ٿو، جيڪا سڀني ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. اهي اڻپورا وسيلا به صحيح نموني استعمال نٿا ڪيا وڃن، جنهن ڪري شاگردن جو تعليمي معيار ۽ سکيا سراسري کان به گهٽ آهي. پاڪستان ۾ تعليم روايتي مذھبي يا مدرسي واري ۽ ٻيو ماڊرن فارمل تعليمي سرشتو جيڪو ڪالونيل دؤر کان شروع ٿيو ۽ آزاديءَ بعد به جاري آهي. تعليمي نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، تقريبن ٻه درجن تعليمي پاليسين کي يونيورسل پرائمري تعليم ۽ داخلا جا حدف سٺ واري ڏهاڪي ۾ حاصل ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا ھئا. هر پاليسي ۽ منصوبا ان ڪاميابيءَ کي حاصل ڪرڻ جا اعلان ڪن ٿا، پر ڪا خاص پيش رفت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آھي. خواندگيءَ جي شرح ۽ سماج جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي لکڻ جي بنيادي صلاحيت اڃا تائين سواليه نشان آهي. اسڪول جا نصاب پراڻا آهن، استاد اڻ تربيت يافتا آهن، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان آهي پر ان کان وڌيڪ اسڪول جي مقصديت ذريعي ڇا حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو اڃا تائين واضح ناهي ۽ نتيجو اهو آهي ته شاگردن کي بنيادي خواندگي يا اسڪول جي ترقي جي ضرورتن ۾ بنيادي مهارت، علم ۽ رويي پيدا ڪرڻ جي واضح کوٽ آهي.

چئن قسمن جا پرائمري اسڪول آھن. سرڪاري، خانگي، مذهبي ۽ پنھنجي مدد پاڻ وارا. ڪو به واضح ناهي ته اهي حاصل ڇا ڪرڻ گھرن ٿا. تعليم امير ۽ غريب، خانگي ۽ سرڪاري، مذهبي ۽ غير مذهبي جي بنياد تي ورهايل آهي. تعليم هڪ قسم جي تعليمي امتياز فرقيواريت بڻجي وڃي ٿي. تاريخي لحاظ کان تعليم انڊين گورنمينٽ ايڪٽ 1935ع کان 1962ع جي آئين تائين تعليمي پاليسي مڪمل طور صوبائي ذميواري ھئي. پھريون ڀيرو تعليمي پاليسي کي 1973ع واري آئين ۾ ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. ليڪن ارڙهين آئيني ترميم (2010ع) ۾ تعليم کي ٻيهر صوبن حوالي ڪيو ويو. وفاق جو ڪردار صرف صوبن جي سيليبس ٺاھڻ، تصديق ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ تائين محدود ڪيو ويو آهي. ارڙهين آئيني ترميم ۾ 25-اي آرٽيڪل شامل ڪيو ويو جيڪو حڪومت کي 5 کان 16 سالن تائين مفت ۽ لازمي تعليم ڏيڻ جو پابند بڻائي ٿو. جنھن جي پوئيواري ڪندي سنڌ حڪومت 2013ع ۾ سنڌ رائيٽ آف چلڊرين ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن 2013ع پاس ڪيو جيڪو سنڌ جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي ضمانت ڏئي ٿو. ان کان علاوه سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪيل آھي. ليڪن انھن سمورين خاطرين ۽ قانونن باوجود به سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي. سنڌ ۾ 42 سيڪڙو ٻار ۽ 58 سيڪڙو ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن. تقريبن صوبي ۾ 65 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ تعليم جي حالت رحم جوڳي رھي آھي. ھتي تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي بھتري يا تبديلي ناھي آئي. بلوچستان کان سواءِ ٻين سڀني علائقن جي ڀيٽ ۾ سنڌ پوئتي آھي. سنڌ ۾ تعليم لاءِ گھربل سھولتن جو فقدان آهي جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن.  سنڌ ۾ صرف 48 سيڪڙو اسڪولن کي بجلي آهي، ڪي پي  ۾ 87 ۽ پنجاب ۾ 89 سيڪڙو اسڪولن کي بجلي آھي. سنڌ ۾ صرف 58 سيڪڙو اسڪولن کي پيئڻ جو پاڻي ميسر آهي، ڪي پي ۾ 89 ۽ پنجاب ۾ 98 سيڪڙو اسڪولن لاءِ پيئڻ جو پاڻي آھي. سنڌ ۾ 64 سيڪڙو اسڪولن کي ٽوائليٽ جي سھولت آھي. ان جي برعڪس ڪي پي  95 ۽ پنجاب ۾ 97 سيڪڙو اسڪولن ۾ ٽوائليٽ جي سھولت موجود آھي. سنڌ ۾ 65، سيڪڙو اسڪولن کي ديوار ڏنل آهي جڏهن ته ڪي پي  ۾ 87 ۽ پنجاب ۾ 93 سيڪڙو کي ديوار ڏنل آهي. مجموعي طور سنڌ ۾ صرف 35 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون اطمينان جوڳيون آهن. جڏهن ته ڪي پي ۾ 87 ۽ پنجاب ۾ 68 سيڪڙو بھتر حالت ۾ آھن. سنڌ ۾ 47 سيڪڙو اسڪول ھڪ استاد تي مشتمل آهن. 27 سيڪڙو اسڪول صرف ھڪ ڪمري تي مشتمل آهن. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي تعليم سنئين راھه تي ناھي. نه وري تعليم کي سنئين راھه تي آڻڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪا بھتر حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. معيار جي لحاظ کان حالت اھا آھي ته پنج درجي وارا اڌ کان مٿي شاگرد ڪا آکاڻي نٿا پڙھي سگھن. 70 سيڪڙو ڪو سولو حساب حل نٿا ڪري سگھن.

پاڪستان جو تعليمي نظام طبقن ۾ ورھايل آهي. مٿئين طبقي جي ٻارن لاءِ ٺھيل اسڪول آھن. جيڪي وڏيون فيون وٺن ٿا. اليٽ اسڪولن ۾ ٻار پڙھائين ٿا. انھن وٽ تعليم جون تمام سٺيون سھولتون ۽ تربيت يافته استاد آھن. ليڪن سرڪاري اسڪول جتي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائين ٿا ان لاءِ گھربل سهولتون  نه آھن. سنڌ ۾ گھوسٽ يا بند اسڪول وڏي تعداد ۾ آھن. اھي اسڪول جاگيردارن، پيرن، ميرن، وڏيرن پنھنجي ڪيٽين ۽ زمينن ۾ جوڙايا ته جيئن سندن اوطاقن، مال جي واڙن يا ڀانڊن طور ڪم آڻين. انھن اسڪولن ۾ ڊيوٽيون ڪندڙ بنا ٻارن جي پگھارون کڻندا رھيا آھن. استاد ويزا تي ويل يا گوسڙو آهن. ورلڊ بئنڪ جي مدد سان سنڌ جي اسڪولن ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم رائج ڪيو ويو آهي ليڪن اھو به گھوسٽ استادن کي حاضر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. اسڪولن جي مانيٽرنگ لاءِ اسسٽنٽ مقرر ڪيا ويا آهن. چون ٿا ته انھن مان گھڻا روايتي رنگ ۾ رنگجي ويا آهن. فون ڪري ٻڌائين ٿا ته ولڻ خان اڄ اسڪول اچي ٿو حاضر ھججان.

ان جي ابتڙ ان سرشتي ايماندار استادن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. صرف بايوميٽرڪ سسٽم حل نه آهي. شاگردن جي حاضريءَ کي وڌائڻ ۽ اڌ ۾ پڙھائي ڇڏڻ کي گھٽائڻ لاءِ يورپين يونين ۽ يونيسيف جي سھڪار سان سنڌ اسڪول ڊيلي مانيٽرنگ سسٽم (ايس ايس ڊي ايم) لاڳو ڪيو پيو وڃي. شروعاتي طور صوبي جي ھر ضلعي جي ھڪ اسڪول ۾ تجرباتي طور تي لاڳو ڪيو ويندو. غير حاضر رهندڙ ٻار جو الرٽ ميسيج والدين کي ملي ويندو. اھو ھڪ سٺو عمل آهي ليڪن ان لاءِ ٻارن جي والدين وٽ موبائل ھجڻ به لازمي آهي. ان کان سواءِ سالن کان رٽيل پڙھائي، استادن جي گھٽتائي، پرائمري کان ڪاپي ڪرڻ سيکارين ٿا. پڙھائي جا پراڻا طريقا آھن، ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي مٿين ڪلاسن ۾ داخلائون ملڻ به مکيه سبب آھن. استادن جي تربيت جي به تمام گھڻي کوٽ آهي. ليڪن اڪثر ٿيندڙ ٽريننگون خانه پوري آھن. پڙھائڻ ھڪ مھارت وارو ڪم آھي. ٻاھرين دنيا ۾ ان جو لائسنس ملندو آھي. ليڪن اسان وٽ پڙھائڻ ته ڇا ھوائي جھاز به جڳاڙي لائسنس تي ھلائين ٿا. پڙھائڻ لاءِ گھربل ڊگريون بي-ايڊ ۽ ايم-ايڊ اڪثر ڪاليج قائم ڪري، نه داخلا، نه پيپر بس ڊگريون وٺو. اھي اڪثر ڪوڙيون آهن. ھينئر جيڪي استاد ڀرتي ڪيا ويا آھن انھن لاءِ انھن ڊگرين وارن کي واڌو مارڪون ملن پيون. جنھن ڪري چون ٿا اھڙو ڌنڌو ڪندڙن گھڻو مال ڪمايو آھي. ان کان علاوه استاد ڀرتي ٿيڻ بعد، سالن تائين احتجاج ڪن، پادر کائن، پوءِ پڪو ڪرڻ جو آسرو ڏين ٿا. ايئن کڻي چئجي ته استاد ٿيڻ کان پوءِ پگھارن ۽ پڪي ٿيڻ لاءِ لٺيون ۽ پادر کائڻ لازمي آهي. اھڙي صورتحال ۾ پڙھيل نوجوان استاد ٿيڻ خاص ڪري پرائمري استاد ٿيڻ کان ڪيٻائين ٿا. اڳ استادن جون مقرريون خالي آرڊر ۾ نالو لکي ڪيون وينديون هيون جنھن ڪري گھڻي تعداد ۾ اھڙين مقررين تعليم جو رھيل نور به چٽ ڪري ڇڏيو. اھڙا استاد سائنسي سوچ ۽ ٽيڪنالاجي کان اڻ واقف آھن. ان لاءِ بھتر استاد ڀرتي ڪري کانئن ھر سال پڙھائڻ ۽ علمي ڄاڻ وارا امتحان ورتا وڃن جنھن بنياد تي کين الائونس ڏنا وڃن. اھي امتحان رضاڪارانه ھجن. استاد کي اڪثر ڪري اھو مرتبو نٿو ڏنو وڃي کيس ھينئر تائين به ماستر سڏجي ٿو. اسڪولن ۾ بلڊنگ، فرنيچر جي کوٽ ۽ خراب حالت آهي. عمارتون خطرناڪ بڻيل آهن. ڪرپشن سبب جڳاڙي عمارتون ۽ فرنيچر خريد ڪن ٿا، ٻن شاگردن واري ڊيسڪ 6 ھزار رپين بدران 29500 رپين ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي. تعليم جي سڌاري لاءِ گھٽ ۾ گھٽ بنيادي سهولتون بلڊنگ، واش روم، پاڻي، بجلي، سولر، پکا، فرنيچر، ديوار ۽ لازمي طور تي استاد اسڪولن کي مھيا ڪري ڏنا وڃن. ڪيترائي استاد ساليانو رٽائر ٿين ٿا. انھن جون خدمتون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. پرائمري تعليم کي جيترو ٿي سگهي وڌيڪ خوشگوار بڻايو وڃي. استادن ۽ والدين جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بنائڻ گهرجي. سنڌ ۾ تعليم جي بھتري صرف وزيرن جي تبديليءَ تائين محدود آھي.

سياسي مداخلت به سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. جتي اڳ استاد سندن مرضيءَ سان ڀرتي ٿيندا ھئا ۽ ھينئر تعليمي عملدار ضلعي جي سياسي ڀوتارن طرفان مقرر ڪيل آھن جن جو تعليم جي بھتري سان ڪوبه لڳاءَ نه آھي.

سنڌ پي پي پي ايڪٽ 2010ع تعليم جي ڊپارٽمينٽ سرڪاري اسڪول اين جي اوز خانگي شعبي حوالي ڪري رهيا آھن. انھن کي سرڪاري اسڪولن کي سنڀالڻ ۽ بھتر بنائڻ جي ذميواري ڏئي رهيا آھن. جڏھن سڀ ڪجهه پرائيويٽ ماڻھن ۽ ادارن کي ڪرڻو آهي ته پوءِ سرڪار ڇالاءِ فنڊ رکي ٿي، سمورو تعليمي نظام ٺيڪي تي ڏئي ڇڏي.ان جو مطلب ته سرڪار مڪمل ناڪام آھي. انھن وٽ سمورو سرشتو موجود آهي ته پوءِ اھو صرف مال ڪمائي لاءِ آھي.

تعليم حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ان کي خانگي شعبي تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. اهو رسائي جو مسئلو پيدا ڪري ٿو ۽ شهرين لاءِ اضافي خرچ وڌائي ٿو. سرشتو سرڪاري ۽ خانگي ۾ ورهائجي ٿو جيڪو اڳتي هلي عدم مساوات ۽ ناانصافيون پيدا ڪري ٿو. ڪنهن به صورت ۾، طبقاتي، صنفي ۽ مڪمل طور تي شخصي آزادين کان نابين نظام آھي. تنهن ڪري تعليم جو هڪ نئون برابري وارو نظام ٺاهيو وڃي جيڪو جديد سماجن جي ضرورتن کي پورو ڪري.