اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت فيصلو ڪيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي مڙهڻ واري مامري تي داخل ڪيل اپيلن جو قانوني جائزو ورتو ويندو، ان ڏس ۾ جيڪي به قانوني ڌريون آهن انهن سان مشورو ڪيو ويندو، ذريعن مطابق ڪالهه تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي مڙهڻ واري اپيل جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي سربراهي ۾ ٿيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نظرثاني واري اپيل جو هر رخ کان جائزو ورتو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ان نظرثاني درخواست تي غور ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان ڪاميٽي ۾ گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت جا اهلڪار شامل هوندا، جيڪي نظرثاني درخواست جو جائزو وٺي وفاقي وزير آڏو پيش ڪندا.