بل گيٽس ۽ سندس گھرواري جو 27 ورھين بعد وڇوڙي جو اعلان

0
644

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) دنيا جي ٽئين امير ترين شخصيت ۽ مائيڪروسوفٽ جي باني بل گيٽس ۽ سندس گهرواري هڪ ٻئي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، بل گيٽس ۽ ميلنڊا گيٽس جو 27 ورهين جو ازدواجي سفر پڄاڻي تي پهتو، سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي هنن پيغام جاري ڪندي چيو اسان سمجهون ٿا ته هڪ جوڙي طور وڌيڪ گڏ نه هلي سگهنداسين، ان ڪري گهڻي سوچ ويچار بعد عليحدگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جوڙي پنهنجي پيغام ۾ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو به اعلان ڪيو، برطانوي ميڊيا موجب بل گيٽس ۽ ان جي گهر واري جي پهرين ملاقات 1980 جي ڏهائي ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن ميلنڊا مائيڪرو سافٽ فرم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، ارب پتي جوڙي جا 3 ٻار آهن، جڏهن ته بل گيٽس ۽ ميلنڊا گڏجي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس نالي فائونڊيشن به هلائي رهيا آهن.