ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سپريم ڪورٽ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪامپلڪس جي نئين عمارت جو ڪم روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ قائم گهڻ ماڙ عمارتن جي مالڪن کي نوٽيس جاري، ڪمشنر ڪراچي کي ڇنڊ، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا بلڊرن جا ايجنٽ بڻيل آهن، جعلي ڪاغذ ٺاهيندا آهن، سڀاڻي ڪير سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۽ وزير اعليٰ هائوس جا ڪاغذ ٺاهي اچي ته ان کي به اجازت ڏئي سگهجي ٿي، هل پارڪ جي متاثرن جي درخواستون رد. ان ڏس ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ ڪالهه ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل، سنڌ جو چيف سيڪريٽري، ڪراچي جو ڪمشنر نويد شيخ، ايس بي سي اي جو ڊي جي شمس الدين سومرو جا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان رڳو پنهنجي ماتحت آفيسر ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ پيش ڪئي آهي، اوهان جي پنهنجي رپورٽ ڪٿي آهي؟ انهي مان اوهان جي نااهلي ظاهر ٿئي، اهڙي آفيسر کي ڪمشنر ڇو مقرر ڪيو ويو آهي؟ ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته ڪڊني هل جون رهائشي عمارتون ڊاٺيون ناهن، متاثرن نظرثاني درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن تي عدالت نظر ثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته هل پارڪ حددخلين بابت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ نيسلي ٽاور عمارت بابت بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي ٻڌايو ته روڊ ري الائنٽمينٽ ٿيو، جنهن جو ڪجهه حصو بچيو، جنهن تي اڏاوت جي اجازت ڏني آهي، ڪمشنر ٻڌايو ته مختيارڪار فيروز آباد رڪارڊ ۾ انٽري ڪئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ڪراچي ملڪ جو گادي وارو شهر هو، ان وقت اها زمين وفاقي حڪومت وفاقي ملازمن کي ڏني هئي، انهي عمارت جا سمورا ڪاغذ جعلي آهن، انهي جي داخلا ۾ مختيارڪار جو ڪهڙو ڪم آهي؟، جيڪڏهن ڪير سپريم ڪورٽ جي عمارت يا وزير اعليٰ هائوس جا ڪاغذ ٺاهي کڻي اچي ته ڇا ان کي تعمير جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي؟. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي بابت چيو ته هي ڪهڙي مولوي کي اسان آڏو بيهاري ڇڏيو آهي اٿارٽي کي هلائڻ وارا ڪير ٻيا آهن، اربين رپيا ڪمايا وڃن ٿا، ايڏيون وڏيون عمارتون ٺهي وينديون آهن، توهان ڪٿي هوندا آهيون؟ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي. عدالت نيسلي ٽاور کي هفتي اندر خالي ڪرائي مالڪ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. ان کان اڳ ڪمشنر ڪراچي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت عدم اطمينان جو اظهار ڪندي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ڪمشنر مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان سمجهي رهيا آهيو ته اسان ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ تي ڪم ڪنداسين، اسان ڊپٽي ڪمشنرن کي نه پر اوهان کي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو هو، توهان هي ڪهڙي رپورٽ کڻي آيا آهيو؟ جنهن ۾ رڳو ڊپٽي ڪمشنر اوڀر، ڊپٽي ڪمشنر فلاڻو لکيل آهي، هي ڪهڙي رپورٽ آهي؟ جنهن ۾ لکيل آهي ته رپورٽ جو انتظار آهي، اسان کي اهڙي رپورٽ نه کپي، عدالت چيو ته ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ڪمشنر ڪراچي ٻئي رٻڙ اسٽيمپ آهن، انهن کي هلائڻ وارا ڪير ٻيا آهن، کين خبر ئي ناهي ته انهن خلاف نيب جا ڪيترا ريفرنس ٺهندا؟ چيف جسٽس چيو ته ڪمشنر ڪراچي کي ڪجهه پتو ئي ناهي جيڪڏهن ان جي جڳهه تي ڪو قابل آفيسر هجي ها ته هڪ منٽ ۾ ڪراچي شهر جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي ها، هي ته اسان لاءِ ڏکائيون پيدا ڪري رهيا آهن، خبر ناهي ته شهر سان ڪيتري ويڌن ڪندا هوندا!! ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي کان پڇيو ته توهان جو گريڊ ڪهڙو آهي؟ جنهن تي ڪمشنر ٻڌايو ته آئون 21 گريڊ جو آفيسر آهيان، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي هٽائي رهيا آهيون، توهان به ڪي آفيسر آهيو،چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪمشنر کي ڪنهن شيءَ جي خبر ئي ناهي، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ ڪمشنر ڪراچي کي فارغ ڪري چيف جسٽس اي جي سنڌ کان پڇيو ته وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، جنهن تي اي جي چيو ته اها رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان اها رپورٽ ڏٺي آهي، ان ۾ به ڪجهه ناهي، اسان ميٽنگ ڪرڻ جو چيو هو ان جو ڇا ٿيو؟ ڪراچي شهر لاءِ ڪجهه ته ڪريو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين عدالت کي ٻڌايو ته ڪمشنرڪم ڪري رهيو آهي، هن مختلف وقتن تي شهر جا دورا به ڪيا آهن، ڪجهه مهلت ڏيو، اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائينداسين، جنهن تي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته شهر ۾ فوٽ بال گرائونڊ تعمير ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن اوهان کي معائنو ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪريو، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته رائل پارڪ جو ڇا ٿيو؟ ڪمشنر ٻڌايو ته ڊي ايڇ اي وارن رائل پارڪ جو پراجيڪٽ تحويل ۾ ورتو آهي. عدالت سنڌ سيڪريٽريٽ جو تعميراتي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بار جي نمائندن جو موقف هو ته هاءِ ڪورٽ جي عمارت جا ٻئي پاسا وڌايا وڃن، ڇاڪاڻ ته جاءِ گهٽ آهي، پريشانيون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن.