ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ناظم آباد نمبر 2 ۾ رهائشي پلاٽ تي غير قانوني تعمير ٿيل ڪمرشل عمارت کي  ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ، واضح رهي ته 4 مهينا اڳ ايس بي سي اي جي ٽيم تي ڪارروائي دوران فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڪاشف نالي همراهه قتل ٿي ويو هو، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو،