بلوچ ڀائرن جي حقن جي آڙ ۾ چين جي معصوم شهرين کي ماريو ويو: بلاول

0
213
عمران خان ملڪي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ چيني شهرين تي آپگهاتي حملو ڪرائيندڙ دهشتگردن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏينداسين

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ بلوچ ڀائرن جي حقن جي آڙ ۾ چين جي معصوم شهرين کي ماريو ويو،

چيني شهرين جي ياد ۾ تعزيتي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته سنڌين ۽ بلوچن سميت ڪو به پاڪستاني شهري مهمانن تي اهڙي بزدلاڻي حملي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي

پاڪ چين دوستي کي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهري اسان جا مهمان آهن، کين تحفظ سميت هر سهولت فراهم ڪئي ويندي