ڪوئيٽا(م ڊ) دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري گلزار شمبي رياست کان معافي وٺي ڇڏي آهي. گلزار شمبي کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو، ضياءُ لانگو کيس ميڊيا آڏو پيش ڪيو، گلزار شمبي ماضي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ تي معافي وٺي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته ادارن کي بلوچستان جي مسئلن جو احساس آهي. هن چيو ته منهنجا ساٿي جيڪي ويڙهه وڙهي رهيا آهن انهن کي چوان ٿو ته ويڙهه جو رستو ڇڏين. هن چيو ته رياست کي گذارش آهي ته ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي مون کي معاف ڪري ڇڏي.هن چيو ته مون جيڪو رستو اختيار ڪيو هو اهو ٺيڪ ناهي. ويڙهه ۾ ٿيندڙ نقصان جو احساس ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته بلوچستان ۾ بيروزگاري به نوجوانن جي عليحدگي پسندي ڏانهن وڃڻ جو هڪ مک سبب آهي. هن چيو ته 15 سالن تائين بلوچن جي حقن لاءِ جنگ ڪئي آهي، گھڻو رليو آهيان هاڻي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته بلوچستان جي حقن جي حاصلات آئيني جدوجھد ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته رياست کي سمجھڻ بنا هٿياربند جنگ جو حصوبڻيس. بلوچ ماڻهن کي چوندس ته زندگي ڏانهن واپسي جو رستو اختيار ڪن. ويڙهاڪن کي مدد ملڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ملڪ جا پنهنجا مفاد آهن، بلوچن کي به ڪٿا نه ڪٿان مدد ملي رهي آهي.