اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر بلوچستان خاص طور  تي اسلام آباد ۽ پنجاب مان بلوچ شاگردن کي گم ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇا رياست جو نظام بي حس ٿي ويو آهي؟ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته بلوچن کي ڪهڙي قسم جو پيغام ڏنو پيو وڃي ته انهن جا ٻار يونيورسٽي ڪيمپس يا صوبي کان ٻاهر محفوظ ناهن؟ سندس چوڻ هو ته ايرڊ يونيورسٽي راولپنڊي جو 17 ورهين جو شاگرد ان صورتحال جو نئون متاثر شخص آهي، جيڪڏهن جنگي قيدين جا حق آهن ته اسان جي ٻارن جا حق ڇو ناهن؟