بلوچستان: 54 ٻارن جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

0
456
بلوچستان: 54 ٻارن جو پ

نوشڪي: بلوچستان سان تعلق رکندڙ 54 ٻارن جو پيءُ عبدالمجيد مينگل لاڏاڻو ڪري ويو

بلوچستان جي ضلعي نوشڪي سان تعلق رکندڙ عبدالمجيد مينگل دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو

75 ورهين جي عبدالمجيد مينگل 6 شاديون ڪيون، سندس پهرين شادي 18 سالن جي عمر ۾ ٿي، جڏهن ته ٻه گهرواريون سندس حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويون هيون

واضح رهي ته عبدالمجيد 2017ع جي آدمشماري دوران ميڊيا جي سرخين ۾ آيو هو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هن هميشه ٻارن جي بهتري لاءِ محنت ڪئي ۽ کين سٺي تعليم ڏني ۽ وڏن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏني

عبدالمجيد مينگل جي گهر ۾ 54 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پيدا ٿيا، خوراڪ جي کوٽ سبب سندن 12 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي ويا

ھي به پڙھندا

سنجهورو واسي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندڙ پيءُ ۽ ڌيءُ ڊگري وٺندا