باھو کوسو(ن پ ا) بلوچستان ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري کير وڪرو ڪندڙ پورھيت کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، ان ڏس ۾  اوسته محمد شھر جي سٽي ٿاڻي جي حد ايري لاڙي وٽ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري کير وڪرو ڪري واپس ويندڙ نوجوان بھار خان رتي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ، اطلاع تي   پوليس پھچي مقتول نوجوان  جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف  پوليس موجب ته نامعلوم ھٿياربندن نوجوان بھار خان رتي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي واقعي جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو.