ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ هٿياربندن پورهيتن تي حملو ڪري 3 پورهيت قتل، 3 زخمي ڪري ڇڏيا جڏهن ته 7 گم آهن. بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ڪم ڪندڙ تعميراتي  ڪمپني جي ڪيمپ تي هٿياربندن رات جو دير سان حملو ڪيو. حملي ۾ 3 مزدور قتل ٿي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. 7 پورهيت لاپتا آهن. حملو ڪندڙ ڪيمپ، گاڏين ۽ مشينري کي باهه لڳائي فرار ٿي ويا. واقعي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز پهچي سرچ آپريشن ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي هئي. ڪنهن به تنظيم واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.