پڊعيدن (ن پ ا)  پڊعيدن جي ڳوٺ شير محمد سيال جو رهواسي 52 ورهين جو محمد حنيف ولد محمد آچر سيال بلوچستان جي علائقي تربت ۾ هوٽل تي ويٺل هو، جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري  ڇڏيو،  ان حوالي سان مقتول جي ڀاءُ  علي مراد سيال ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ 3 مهينا اڳ بلوچستان ۾ مزدوري جي لاءِ ويو هو، کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.