بلوچستان ۾ هلندڙ سال دهشتگردي جي واقعن ۾  89 سيڪڙو اضافو ٿيو: رپورٽ

0
196

ڪراچي (م ڊ) بلوچستان ۾ 2020  جي ڀيٽ ۾ 2021 ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 89 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن بابت گهرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب سال 2020 ۾ 137۽ هلندڙ سال ۾ 260  دهشتگردي جا واقعا ٿيا، جن ۾ 138 ڄڻا شهيد ۽ 421 زخمي ٿيا

سرڪاري رپورٽ موجب ڊسمبر 24 ڊسمبر 2021ع کان تائين پوليس تي 13 حملا ٿيا جن ۾ 8 ڄڻا شهيد ۽ 79 زخمي ٿيا جڏهن ته ليويز تي 7 حملا ٿيا جن ۾ 6 ڄڻا شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا

هلندڙ سال 37 آءِ ڊي بم ڌماڪن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 74 زخمي ٿيا، جڏهن ته 36 دستي بم حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد ۽ 73 زخمي ٿيا

رپورٽ موجب صوبي ۾ هلندڙ سال 18 راڪيٽ حملن ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، صوبي ۾ 8 بارودي سرنگن ۽ 9 اينٽي پرسنل مائنز جي ڌماڪن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 زخمي ٿيا

انگن اکرن موجب هلندڙ سال پوليو ورڪرز، ٽرينن، سوئي گئس پائيپ لائين، ڪاسڪو ٽاور، فرقيواراڻي دهشتگردي جو ڪو به واقعو پيش نه آيو آهي، جڏهن ته سُني عالمن، هزارن، آبادگارن ۽ ڪوسٽ گارڊ تي حملا هڪ هڪ ڪري رپورٽ ٿيا آهن

گهرو کاتي جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال صوبي ۾ ڌماڪن ۾ يوفون ۽ پي ٽي سي ايل جا 6 ٽاور تباهه ٿيا