اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ حڪومتي اتحادي پارٽي جي يو آءِ پاران بلوچستان جي خراب معاشي حالتن، ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهڻ خلاف احتجاج، سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي حڪومت جي اتحادي جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته بلوچستان حڪومت وٽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جا به پيسا نه آهن، بلوچستان جي يونيورسٽين وٽ به پيسا ناهن، جنهن ڪري يونيورسٽيون بند ٿي رهيون آهن، بلوچستان جي يونيورسٽين ۽ ملازمن لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن، جنهن تي چيئرمين سينيٽ چيو ته بلوچستان کي فنڊ جاري ٿي رهيا آهن، ايچ اي سي سان به ڳالهائيندس، اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ايل سيز نه کلي رهيون آهن، ڪاروباري ماڻهو پنهنجي ڪاروباري دڪانن جون چاٻيون گورنر اسٽيٽ بينڪ جي حوالي ڪري رهيا آهن، پيٽرول ذخيرا هفتي جا رهجي ويا آهن، ان بعد ڇا ٿيندو ڪجهه معلوم نه آهي، هن حڪومت جي معيشت صرف ان مامري تي آهي ته ڪٿان خيرات ملي، هي قرض ملڻ کي به پنهنجي ڪارڪردگي سمجهن ٿا، افسوس آهي ته اسان گوڏا کوڙي خيرات وٺي رهيا آهيون، اليڪشن ڪرائي وڃي، عوام کي موقعو ڏنو وڃي، ڪراچي ۾ ٿيل ضمني چونڊ وارا مامرا نه ورجايا وڃن، پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اڳوڻي حڪومت ترقي جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهي، پي ٽي آءِ کي پنهنجو مستقبل نظر نه اچي رهيو آهي، چونڊن ۾ عوام پي ٽي آءِ کان حساب وٺندو، هي اهو ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو پاڪستان جو دشمن ڪري سگهي ٿو، اهي ڪم ڪو به محب وطن نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن پي ٽي آءِ جو وزيراعظم هو ته پارليامينٽ اعليٰ ايوان ۽ عدم اعتماد کانپوءِ غلاضت جو ڍير چيو ويو.