ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) بلوچستان جي خان ڪوٽ ٿاڻي جي حد مير واھ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن دلاور موئل کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي خان ڪوٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منجھو شوري پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خان ڪوٽ محمد خان حسني پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي مقتول نصيرآباد جي علائقي تنبو جو رھواسي ھو ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا آھن جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.