ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گذريل رات زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب بلوچستان علائقي چمن ۽ قلعه عبدالله ۾ گذريل رات ڏهه لڳي هڪ منٽ تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي نتيجي ۾ بلازئي پاڙي ۾ گهر ڊهي پٽ ٿي ويو، جنهن سبب 3 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب گذريل رات بلوچستان جي افغانستان سان لڳ سرحدي شهر چمن ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسيڪل تي 3.5 هئي.