ڪوئيٽا/اسلام آباد (بيورو رپورٽ+ م ڊ) پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر گم، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سميت 6 آفيسر سوار هئا، بلوچستان جي علائقي اوٿل کان ڪراچي ايندڙ پاڪستان آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر گم ٿي ويو

پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هيليڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سوار هو، آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور سميت 6 اهم شخصيتون سوار هيون، هيليڪاپٽر بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي لسٻيلا ۾ امدادي ڪمن ۾ مصروف هو، جيڪو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطي مان ڪٽجي ويو

هيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر 12 ڪور سميت 6 اهم شخصيتون ٻوڏ بابت امدادي ڪارروائين جي نگراني ڪري رهيا هئا، هيليڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد ۽ 12 ڪور جو انجنيئر برگيڊيئر خالد سوار هئا، هيليڪاپٽر ۾ سوار آفيسرن ۾ پائليٽ ميجر سعيد، معاون پائليٽ ميجر طلحه ۽ ڪِريو ۾ چيف نائيڪ مدثر به شامل هو. هيليڪاپٽر جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي

ڊي جي خضدار پرويز عمراڻي جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ايف سي اختياريون گڏيل ريسڪيو آپريشن ڪري رهي آهي، علائقو پهاڙي سلسلن تي ٻڌل آهي، ان ڪري ڳولا ۾ مشڪلاتون درپيش اچي رهيون آهن، پوليس اهلڪار موٽرسائيڪل تي چڙهي به ڏکين علائقن ۾ هيليڪاپٽر جي ڳولا ۾ مصروف آهن. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته وندر ويجهو درگاهه سسئي پنهون وٽ هيليڪاپٽر ڪِرڻ جا اطلاع آهن. هوڏانهن صدر ۽ وزيراعظم آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر گم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

وزيراعظم شهبازشريف آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي گمشدگي ڳڻتي جوڳي آهي، پوري قوم الله تعاليٰ جي  حضور ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ نڪتل وطن جي پٽن جي سلامتي، حفاظت ۽ انهن جي خيريت سان واپسي لاءِ دعاڳو آهي