باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي آر ڊي 238 ٿاڻي جي حد ڳوٺ شرف الدين ڪنڊراڻي ۾ مھانگائي کان تنگ ھاءِ اسڪول دين محمد ڪنڊراڻي جي استاد فقير احمد دين ڪنڊراڻي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس پھچي لاش صحبت پور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، استاد فقير احمد دين ڪنڊراڻي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس موجب شروعاتي جانچ ۾ پتو پيو آھي ته استاد فقير احمد دين ڪنڊراڻي مھانگائي کان تنگ ٿي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي ڇڏي آھي.