بلوچستان ۽ دير ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا، 4 فوجي جوان شهيد، ميجر زخمي

0
261

راولپنڊي/دير (م ڊ) بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ ميجر زخمي ٿي پيو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن هرنائي ڀرسان کوسٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي انهن جو پيڇو جاري رکيو ۽ جبلن ۾ گهيري دوران به دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهڙپ دوران پاڪ فوج جا 2 جوان نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ميجر عمر دهشتگردن سان مقابلو ڪندي زخمي ٿي پيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 75هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي شهر دير ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

Pakistan army kill 35 militants in North Waziristan

آءِ ايس پي آر موجب گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي شهر دير جي علائقي باروال ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڪيورٽي فورسز جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ 30 ورهين جو سپاهي ساجد علي ۽ 32 ورهين جو سپاهي عدنان ممتاز شامل آهن. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٻنهي شهيدن جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي

دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. ٻئي پاسي سپاهي ساجد علي جي جنازي نماز ڪوٽلي ۾ ادا ڪئي وئي. شهيد ساجد جو تعلق گوئي بٽالي جي علائقي سان هو جيڪو ايل او سي جو رهواسي هو. سندس شادي 8 مهينا اڳ ٿي هئي. شهيد جي جنازي نماز ڪالهه آچر ڏينهن 1 وڳي گوئي سوهني پنيالي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد تدفين ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڪمانڊنگ آفيسر جندروٽ سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي جوانن شهيد سپاهي کي سلامي ڏني

ھي به پڙھندا

ھيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سوڌو 6 فوجي جوان شھيد: آءِ ايس پي آر