قمبر/ وارھ (نمائندن وٽان) بلوچستان کان آيل برساتي پاڻي قمبر شهدادڪوٽ جي حدن زيرو پوائنٽ ۽ ٻين هنڌن تي پهچڻ شروع ٿي ويو، جنهن سبب غيبي ديرو، سونو خان چانڊيو  سميت ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو شهرن سان زميني رستو بند ٿي ويو آھي، پاڻي جو زور گهٽائڻ لاءِ ايم پي اي سردار چانڊيو بلوچستان کان ايندڙ پاڻي کي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرائي ڇڏيو آھي، جيڪو منڇر ڍنڍ ۾ ويندو.سردار چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان کان ايندڙ پاڻي گهٽجڻ لڳو آھي، پاڻي قمبر ضلعي ۾ جيئن پهتو ته نقصان کان بچڻ لاءِ پاڻي ساروهه ڍنڍ کان حمل ڍنڍ ۾ مختلف هنڌن کان  ڪٽ ڏياري پاڻي کي رستو ڏنو آھي. هن چيو ته پاڻي ۾ لاٿ آھي اميد ته برساتي پاڻي آساني سان گذر ڪري ويندو سردار خان چانڊيو  وڌيڪ چيو ته عوامي خدمت تي ويساهه رکون ٿا اسان جو فرض آھي ته عوام کي نقصان کان بچائڻ لاءِ محنت ڪريون مسلسل پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺان پيو بچاءَ بند تي آر ڊي 342 کان 506 تائين مختلف جڳهن تي آبپاشي عملي لانڍيون ٺھرائي ڇڏيون آھن جتي آبپاشي عملي سان گڏ منهنجا ماڻهون به موجود آھن آبپاشي عملدارن کي جاڳايو آھي جيڪي به ڪم ڪن پيا پر آءِ به گذريل ٽن ڏينهن کان روزانو اچان پيو هن چيو ته  خوف جي ڪابه صورتحال ناهي اميد ته پاڻي نقصان ڪرڻ بنا گذر ڪري ويندو .