بدين/ ڪيٽي بندر/ ڳاڙهو/ گھوڙاٻاري (نمائندن وٽان) بدين سميت لاڙ پٽي ۾ برساتن جي صورتحال  جو جائزو وٺڻ لاءِ وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف جي جوڙيل وفاقي وزيرن جي ڪاميٽي پهتي. بدين، ڪيٽي بندر، گھوڙا ٻاري، ڳاڙهو ۽ ٻين علائقن ۾ پهتل ٽيم کي انتظاميا ميڊيا ۽ متاثرن سان نه ملايو، ان ڏس ۾ ماحوليات واري وفاقي وزير شيرين الرحمان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير سيد امين الحق، ن ليگ اڳواڻ ايم اين اي کئنلدس ڪوھستاني علائقن جو دورو ڪيو. ڪيٽي بندر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شيرين رحمان چيو ته اسان وزير اعظم جي ھدايت تي ڪيٽي بندر اچي برساتن  ۾ ٿيل نقصان جو جائزو ورتو آهي ۽ اھڙي رپورٽ وزيراعظم کي ڏينداسين ته جيئن برسات متاثرين جي مالي مدد ڪئي وڃي. ھن چيو ته سنڌ ۾ بہ برسات وڏي تباھي آندي آهي، جنھن ۾ زراعت مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي. ھن چيو ته ھتي ڊرينيج سسٽم صحيح نہ ھئڻ ڪري بہ نقصان ٿيو آهي. ھن چيو ته جتي بہ برسات کان نقصان ٿيو آهي حڪومت انھن ماڻھن جي مالي مدد ڪندي. وفاقي وزير چيو ته اسان ڊي سي ٺٽو کي چيو آهي ته ھو جلد برسات کان پوءِ ٿيل نقصان جي جلد سروي ڪرائي اسان کي رپورٽ موڪلي تہ جيئن ھنن ماڻھن جي مالي مدد ڪري سگھجي.  گھوڙاٻاري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزيرن چيو ته حڪومت سنڌ جي برسات سٽيل ماڻھن جي امداد لاء جلد پيڪيج جو اعلان ڪندي. هنن وڌيڪ چيو ته بلوچستان کانپوء سڀ کان وڌيڪ برساتي تباھ ڪاريون سنڌ ۾ ٿيون آھن، وفاقي وزير امين الحق چيو ته ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباھ ڪارين سبب 9 هزار کان مٿي گهر تباھ ٿيا آھن 10 انساني جانيون ضايع ٿيون آھن گهرن فصلن ۽ انفراسٽرڪچر جو نقصان الڳ آھي هن چيو ته وزير اعظم پاڻ بلوچستان جي متاثر علائقن ۾ امداد ڪاررواين جي نگراني ڪري رهيو آھي ۽ وفاقي وزيرن تي مشتمل سندن ٽيم کي سنڌ اماڻيو آھي ته جيئن اسان زميني حقيقتن جو جائزو وٺون.  ان موقعي تي ڊي سي ٺٽو ۽ صادق ميمڻ پاران وفاقي وزيرن کي ٺٽو سجاول ۽ بدين ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي جھمپير ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويل 9پورھيتن جي معاوضي جي پڻ سفارش ڪئي وئي. ڳاڙهو ۾ وزيرن کي بريفينگ ۾ ٻڌايو ويو تہ تاريخي شاھجھان مسجد کي بہ نقصان پھتو آھي، ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ عمران خان جي سياست جي مستقبل جي حوالي سان فيصلو ناھي پڙھيو فيصلو پڙھڻ بعد ڳالھائندس،