جھندو مري (ن پ ا) بلوچستان مزدوري لاءِ ويل جھنڊي مري واسي پورهيت قتل ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ پيارولنڊ  جي ڳوٺ شيرخان لنڊ۔جو رهواسي 26 ورهين جو عمران علي ولد خادم لنڊ 3مهينا اڳ پورهيو ڪرڻ بلوچستان ويو هو، جنهن کي تربت ويجھو ڪوشاب واري علائقي ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪري مبينا طور قتل ڪر ي ڇڏيو آهي. مقتول جو مهڙ اباڻي ڳوٺ شيرخان لنڊ ۾ آندو ويو، جنهن جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي صحافين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي وئي جڏهن ذريعن کان ڄاڻ مليل مطابق هڪ ٻيو نوجوان مولابخش عرف مکڻ لنڊ دهشتگردن جي فائريگ۾ سخت زخمي ٿي پيو زخمي مقامي اسپتال منتقعل ڪيو ويو.