قمبر( رپورٽر) قمبر جي زيرو پوائنٽ وٽان بلوچستان کان آيل برساتي پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ اچي وئي آھي، جڏھن ته پاڻي جو آر بي او ڊي ۽ حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ جاري آھي.ڊي سي قمبر ٻڌايو ته پاڻي وهڪرن ۾ زيرو پوائنٽ وٽان 3 انچن تائين لاٿ آئي آھي، ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناھي، متاثرن ۾ ٽينٽ ۽ راشن ورهايو آهي.ميڊيڪل ڪيمپون به لڳائي 2 ٻيڙن جو پڻ بندوبست ڪيو آھي، جيڪي غيبي ديرو کان هلي رهيون آھن. جڏھن ته نقصان ۽ پاڻي جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ وفاق طرفان مقرر ڪيل فيڊرل منسٽر شيري رحمان، عامر مگسي، کيئل داس ڪوهستاني زيرو پوائنٽ ڀرسان ايف پي بند تي پهچي معائنو ڪندا.