ڪراچي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي شيراني جي  ٻيلن کي باهه تي آخرڪار ضابطو اچي ويو، اختيارين موجب ايران جو فائر فائيٽنگ جهاز باهه وسائڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيو، باهه لڳن سبب 10 هزار 700 ايڪڙن تي پکيڙيل ٻيلا ۽ جنگلي حيات متاثر ٿيا، 10 مئي کان شيراني جي ٻيلن کي لڳل باهه سان چلغوزي، زيتونن سميت ٻين وڻن کي نقصان پهتو.