بلوچستان سڙي رهيو آهي

0
205
حڪمرانن-جا-رويا-۽-ترجيحون

بلوچستان پاڪستان جو هر لحاظ کان اهم ترين صوبو آهي پر اتي جهڙي طرح جي  حالتن سان واسطو پيو آهي ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ، سياستدانن ۽ عسڪري طاقتن کي انهن جي مسئلن جو حل تيز رفتاري سان ڳولڻ گھرجي. پر ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته سياستدان پنهنجي سياسي مصروفيتن ۾ رڌل آهن. پنجاب جي وزارت اعليٰ ماڻڻ لاءِ سڀ ئي لڳي ويا آهن. بلوچستان برساتن سبب به سخت متاثر ٿيو آهي پر حڪومتن ۾ شامل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي ٿورو به لوڏو ئي ناهي آيو. ڀارت مڪتي باهني ذريعي جيڪو ڪجهه اوڀر پاڪستان ۾ ڪيو هو ۽ پاڪستان جي ان وقت جي حڪمرانن جي پاليسين جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو هو. ڇا بلوچستان ۾ مجموعي طور تي اهڙيون ئي حالتون پيدا ڪرڻ ته مقصد ناهي ته ماڻهو پاڻ ئي بيزار ٿي وڃن ۽ جان جي امان لاءِ چوڻ شروع ڪري ڇڏين ته بس هاڻي گھڻو ٿيو. هاڻي اسان کي امن گھرجي. ڀلي ان جي قيمت پاڪستان جي سلامتي ئي ڇو نه هجي. اڄ بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ڇا حڪمرانن کي ماضي سان ان جي هڪجهڙائي نظر نٿي اچي.

حڪومتن جي غير حقيقت پسنداڻين پاليسين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ غلطيون پنهنجي جاءِ تي پر بلوچستان جي علائقي يا هاڻ صوبي ۾، هر دور ۾ سردار صاحبان حڪومتن جو سڌي ريت حصو رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو قبيلو رهجي ويو آهي ته ان جو نالو ٻڌايو؟ خان قلات کان وٺي ڄام لسٻيلو تائين، سڀ ئي اقتدار جي گھٽين مان گذري چڪا آهن. اڄ به بلوچستان ۾ بلوچن جي حڪومت آهي. جيڪي وزير آهن انهن جو ڪنهن نه ڪنهن قبيلي سان تعلق آهي. بلوچستان ملڪ جو اڪيلو صوبو آهي جتي تقريبن پوري اسيمبلي جا اڪثر ميمبر حڪومت جو حصو آهن. هڪ عام کاتي جي وزير تي به سرڪاري خزاني مان رقم خرچ ٿيندي آهي سو انهن تي به خرچ ٿي رهي آهي. اها آهي جمهوريت جنهن جو اسي رات ڏينهن پِٽڪو ڪندي نٿا ٿڪجون پر جمهور آهن جو زخمن سان چُور ٿيا پيا آهن.  ڇا جمهوريت جو عَلم اوچو ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو ناهي ته صدر، وزيراعظم، گھرو وزير ان وقت تائين بلوچستان ۾ پنهنجو پنهنجو هيڊڪوارٽر ٺاهي ويهن جيستائين حالتن تي ڪنٽرول نه ٿي وڃي  ۽ جمهور اطمينان جوا ظهار نه ڪري. پاڪستان مان ويندڙ هڪ اڳوڻي امريڪي سفير ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته پاڪستان ۾ وسيلن جي کوٽ ناهي پر بداعمالي، خراب نگراني، بدعنوانين وغيره جي ڪري پاڪستان مشڪلاتن ۾ گھيريل آهي. پاڪستان جا اڳوڻا چيف جسٽس صاحبان به بلوچستان جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏياري چڪا آهن. پاڪستان جا دوست ملڪ اڪثر خبردار ڪندا رهندا آهن ته پاڪستان کي پاليسين ۾ تسلسل پيدا ڪرڻ گھرجي ۽ حالتن کي سمجھڻ گھرجي.

بلوچستان ۾ هر گذرندڙ لمحو پاڪستان کي عدم استحڪام ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. اسان کي پاڻ کي جنگ جي حالت ۾ سمجهڻ گهرجي. اسان وٽ نه وقت آهي ۽ نه طاقت آهي ته انهن غلطين کي ورجائجي، جيڪي اوڀر پاڪستان ۾ ڪيون ۽ ان جا نتيجا اسان سڄي زندگي ڀوڳيندا رهنداسين. پاڪستان جي صدر ۽ حڪومت جي وزير اعظم ۽ اپوزيشن ليڊر کي گهرجي ته بلوچستان کي مختلف زاوين کان جاچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪميٽيون قائم ڪن ۽ قومي اسيمبلي انهن جي سفارشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اسان جي ڊوڙ وقت جي سامهون آهي ۽ وقت اسان جي هٿن مان نڪتل رسيءَ وانگر کِسڪي رهيو آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چوڌري شجاعت جي گوڏن تي هٿ رکي سگهي ٿو، پوءِ بلوچستان جي سردارن ۽ خاص ڪري نوجوانن سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙي اربع خطا آهي؟ عام معافي تي به غور ڪرڻ گھرجي.

بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي عدالتن جي تبصرن ۽ خدشن کي ڪنهن ٻي راءِ جي ضرورت ناهي، ماضي ۾ سپريم ڪورٽ ان معاملي کي ايتري اهميت ڏني هئي جو عدالت ئي ان کي بلوچستان ۾ رکڻي پئي هئي. ان سلسلي ۾ ڪيسن جي مختلف مرحلن ۾ جيڪي ڪارروايون سامهون آيون آهن، انهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي پويان انهن عنصرن تي به آڱريون اچي رهيون آهن، جن کي بلوچستان ۾ امن امان جي بحاليءَ لاءِ صوبائي حڪومت جي درخواست تي مقرر ڪيو ويو هو. اهي سڀئي قوتون سڌي يا اڻ سڌي طرح فوج سان تعلق رکن ٿيون. ماڻهن کي اغوا ڪري غيرقانوني حراست ۾ رکي قتل ڪيو وڃي ٿو، چچريل لاش وارثن حوالي ڪيا وڃن ٿا. بلوچستان ۾ کنيل قدمن ۾ هي اهو مسئلو به سرفهرست هجڻ گهرجي ته ماڻهن کي غائب نه ڪيو ويندو.

بلوچستان جي عوام جي زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته اطاعت لازمي آهي، پهرين ڳالهه ته اطاعت کان منهن موڙڻ جو ته تصور ئي ناهي ۽ جيڪڏهن ڪٿي اهو تصور خيال جو حصو بڻجي به ويو ته بغاوت جي گھٽ ۾ گھٽ سزا ڏيڻ نيڪالي ئي هوندي آهي ۽ جيڪڏهن قسمت سٺي هجي ته پوءِ علائقي بدر ڪرڻ آهي. اطاعت قبائل  جو پهريون اصول قرار ڏنو ويندو آهي. اهو سردارن جي روايتن جو حصو آهي، جنهن جي سهاري انهن جي سرداري کي جيئدان ملندو آهي. ان کان سواءِ ڇاجي سرداري، ڪهڙو قبيلو ٿي ويندو. سردار کان سوال نٿو ڪري سگھجي. سردار کان ڪجھه گھري به نٿو سگھجي. حڪم ڪرڻ، طلب ڪرڻ، سوال ڪرڻ، سردار جو حق قرار ڏنو وڃي ٿو. ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته پورو قبيلو سردار جي اشاري جو محتاج رهندو آهي ته پوءِ بلوچستان حڪومت يا وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سردارن جون خدمتون ڇو نٿيون حاصل ڪن ۽ جيڪڏهن سردار ڪا مدد ڪرڻ تي راضي ناهن ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ پنهنجي ڪيمپ ڇو قائم نٿي ڪري ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ عملي قدمن کان ڇو پاسو ڪري رهي آهي. بلوچستان ۾ 35 ضلعا آهن. صوبي ۾ ان کان ڪافي وڌيڪ قبيلائي سردار آهن. اهو ڇو ممڪن ناهي ته قبيلائي سردارن کي ذميواري ڏني وڃي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪن. جنرل رحيم الدين خان جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ بلوچستان ۾ گورنر مقرر ڪيو ويو هو. هن قبيلائي سردارن کي تنبيهه ڪئي هئي ته کيس بلوچستان م امن گھرجي ۽ توهان ماڻهو  (سردار صاحبان) ان جا ذميوار هوندا. بلوچستان ۾ ڪيل ڪارروائيون وڏي وڏي رقم جي غير موجودگي ۾ ڇو ممڪن ٿي ٿيون سگھن. ڪير آهي ان پردي پويان جيڪو بلوچستان کي هر روز نت نون واقعن ۾ ڌِڪي رهيوآهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان جي حڪمرانن کي همت ڪري فيصلا ڪرڻا پوندا.